پاڪستان سپر ليگ 11 جي فائنل ۾ تماشائين کي گرائونڊ ۾ اچڻ جي اجازت ملي وئي

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف پاڪستان سپر ليگ 11 جي فائنل ۾ تماشائين کي گرائونڊ ۾ اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٻڌايو تھ مون وزيراعظم شھباز شريف کي تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ درخواست ڪئي ھئي.

محسن نقوي جو چوڻ آھي تھ وزيراعظم بھ چاھي ٿو تھ فينز کي اجازت ملڻ گھرجي، فرنچائز مالڪن جي درخواست تي وزيراعظم فائنل لاءِ فينز کي اجازت ڏئي ڇڏي آھي.

چيئرمين پي سي بي جو چوڻ آھي تھ وزيراعظم ڪفايت شعاري مھم تي بھ زور ڏنو آھي، وزيراعظم جي فيصلي تي سندس ٿورائتو آھيان.

ياد رھي تھ پاڪستان سپر ليگ 11 جو فائنل مئچ 3 مئي تي لاھور ۾ شيڊول آھي.

واضح رھي تھ ھن ڀيري ڪفايت شعاري مھم سبب پاڪستان سپر ليگ جي مچئن ۾ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت نھ ڏني وئي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں