حڪومت پئٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ طرفان ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پئٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

پيئٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آھي.

اضافي کانپوءِ پئٽرول جو نئون اگھھ 393 رپيا 35 پئسا ۽ ڊيزل جو نئون اگھھ 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آھي.

ٻئي طرف پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس پئٽروليم شين جا اگھھ وڌائڻ تي اڄ کان ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ملڪ شھزاد اعواڻ پئٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي تي بيان ڏيندي چيو تھ پئٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي واڌ جي سڄي ملڪ جا ٽرانسپورٽر مذمت ڪن ٿا.

ملڪ شھزاد اعواڻ چيو تھ پئٽروليم شين جا اگھھ وڌائڻ تي 10 سيڪڙو گڊز ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌائڻ جو اعلان ڪريون ٿا.

ھن چيو تھ مسلسل پئٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي سان ملڪ ۾ مھنگائي وڌي رھي آھي، وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب لکين ماڻھو بيروزگار ٿي رھيا آھن.

صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ملڪ شھزاد اعواڻ موٽروي پوليس، ٽريفڪ پوليس سميت سمورا چالان ختم ڪرڻ جو بھ مطالبو ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں