ڪراچي سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي صالح آصف فوربز ميگزين جي ارب پتي ماڻھن جي فھرست ۾ جاءِ ٺاھي ورتي ۽ پاڪستان جو چوٿون امير ترين شخص بڻجي ويو.
صالح آصف پنھنجي ٽن دوستن سان گڏ “ڪرسر (Cursor) ” ڪمپني جو شريڪ باني آھي، اھا مصنوعي ذھانت تي ٻڌل ھڪ جديد ڪوڊ ايڊيٽنگ ٽول فراھم ڪندڙ ٽيڪنالوجي ڪمپني آھي.
نومبر 2025 ۾ اھا ڪمپني ھڪ وڏي سيڙپڪاري رائونڊ دوران 2.3 ارب ڊالر جي فنڊنگ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رھي جنھن کانپوءِ ھاڻ ان ڪمپني جي مجموعي ماليت 29.3 ارب ڊالرز تائين پھچي وئي آھي.
تازو ئي ان ڪمپني دنيا جي اميري ترين شخص ايلون مسڪ جو ڌيان بھ حاصل ڪري ورتو آھي ۽ سندس ڪمپني اسپيس ايڪس ويجھي مستقبل ۾ ان ڪمپني کي 60 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪرڻ جو معاھدو ڪيو آھي.