سريلنڪا جي ناڻي واري وزارت جي ڪمپيوٽر سسٽم تي ٿيندڙ وڏي سائبر حملي ۾ ھيڪرز 25 لک ڊالرز چوري ڪري ورتا، جنھن کي ملڪ جي ڪنھن سرڪاري اداري مان ٿيندڙ ھينئر تائين جي سڀ کان وڏي چوري قرار ڏنو پيو وڃي.
عملدارن مطابق اھا رقم آسٽريليا کي قرض جي ادائيگي لاءِ مختص ھئي، جيڪا ھيڪنگ جي نتيجي ۾ غائب ٿي وئي.
ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري جو چوڻ آھي تھ واقعي کانپوءِ پبلڪ ڊيبٽ مئنجمينٽ آفيس جي چئن اعليٰ آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آھي.
رپورٽس مطابق عملدارن کي وزارت جي اِي ميل سرور ۾ ھٿچراند جي ڪوشش جو پتو پيو جنھن کان پوءِ تحقيقات ۾ انڪشاف ٿيو تھ آسٽريليا کي ادا ڪرڻ لاءِ رکيل 25 لک ڊالرز جي رقم غائب ٿي چڪي آھي، معاملي جي تحقيقات جاري آھي ۽ سري لنڪن عملدار غير ملڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان بھ مدد طلب ڪري ورتي آھي.
اھو واقعو اھڙي وقت پيش آيو آھي جڏھن سريلنڪا 2022 جي شديد معاشي بحران کانپوءِ بحالي جي ڪوشش ۾ مصروف آھي، جڏھن ڪولمبو پنھنجي 46 ارب ڊالرز جي پرڏيھي قرضن تي ڊيفالٽ ڪيو ھو.
بعد ۾ ملڪ کي آءِ ايم ايف طرفان 2.9 ارب ڊالرز جي بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري ملي، جنھن تحت ھلندڙ سال قرضن جي بھتر انتظام لاءِ پي ڊي ايم او قائم ڪيو ويو ھو.
ٻئي طرف سريلنڪا ۾ آسٽريليا جي ھاءِ ڪمشنر ميٿيو ڊڪ ورٿ بھ ادائيگين ۾ بي ضابطگين جي تصديق ڪندي چيو آھي تھ آسٽريلوي عملدار تحقيقات ۾ تعاون ڪري رھيا آھن ۽ سريلنڪا جي مالي بحالي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندا.