آمريڪي فوج آبنجاءِ ھرمز ۾ ايران جي صلاحيتن کي نشانو بڻائڻ لاءِ نئين منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي.
آمريڪي نشرياتي اداري مطابق جنگبندي ختم ٿيڻ جي صورت ۾ آبناءِ ھرمز، جنوبي خليج عرب ۽ خليج عمان جي آسپاس ايران جي صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويندو.
رپورٽ ۾ منصوبن کان آگاھ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آھي تھ انھن ممڪنھ حملن ۾ تيز رفتار ننڍيون ٻيڙيون، بارودي سرنگون وڇائڻ وارن جھازن ۽ ٻين غير روايتي عسڪري وسيلن کي ھدف بڻائي سگھجي ٿو.
آمريڪي نشرياتي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ايران جون ننڍيون ٻيڙيون، سرنگون وڇائڻ وارن جھازن ۽ انھن وسيلن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو آھي جن جي مدد سان تھران انھن اھم گذرگاھن کي موثر طور تي بند ڪرڻ ۽ ان کي آمريڪا تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ استعمال ڪندو رھيو آھي.