ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن مھينن کان جاري ڇڪتاڻ ۾ شدت اچي وئي آھي.
بين الاقوامي ميڊيا “انڊيپينڊنٽ” مطابق ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آھي تھ جنگبندي جي خلاف ورزين سبب آبناءِ ھرمز کي ٻيھر کولڻ ناممڪن آھي، جيستائين سامونڊي ناڪابندي ختم نٿي ٿئي ڪنھن بھ جنگبندي جي ڪا بھ حيثيت ناھي.
ٻئي طرف آمريڪا دعويٰ ڪئي آھي تھ ايران جي بندرگاھن تي سندس پابنديون انتھائي موثر ثابت ٿي رھيون آھن ۽ ان سان ايراني معيشت تي دٻاءُ وڌي رھيو آھي جڏھن تھ ايران سان لاڳاپيل ڪيترائي بحري جھاز انھن پابندين جي باوجود آبناءِ ھرمز پار ڪري چڪا آھن.
ٻئي پاسي آمريڪي بحريھ جي سربراھھ جان فيلن کي سندس عھدي تان برطرف ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ تازن ڏينھن ۾ آمريڪي دفاعي قيادت ۾ ڪيتريون ئي اھم تبديليون بھ سامھون آيون آھن.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽس ۾ چيو پيو وڃي تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آھي تھ ايران سان امن ڳالھيون ايندڙ ٻن ڏينھن ۾ ٻيھر شروع ٿي سگھن ٿيون جڏھن تھ ايران واضح ڪيو آھي تھ ڳالھين جي بحالي لاءِ پابندين جو خاتمو ضروري آھي.