پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي چوٿين ڏينھن منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 917 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کان پوءِ انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 661 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 476 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تھ ھڪ لک 71 ھزار 561 جي بلند سطح تائين بھ ويو.
واضح رھي تھ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 71 ھزار 579 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 86 پئسن جو ٿي ويو.