تھران: ايراني پرڏيھي معاملن واري وزير عباس عراقچي جو چوڻ آھي تھ خليج فارس ۽ آبناءِ ھرمز ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت آھي.
ڏکڻ ڪوڙيا جي خصوصي ايلچي ايراني پرڏيھي معاملن واري وزير سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي عباس عراقچي ايران جي خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي حڪومتن جي ڏوھن کان آگاھ ڪيو.
ان موقعي تي ڳالھائيندي عباس عراقچي اپيل ڪئي تھ ٻيا ملڪ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪن.
ايراني پرڏيھي معاملن واري وزير جو چوڻ آھي تھ ايران بين الاقوامي قانون تحت پنھنجي سلامتي ۽ مفادن جي دفاع لاءِ قدم کڻي رھيو آھي.