واشنگٽن: وائٽ ھائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ چيو آھي تھ ايران سان سيز فائر جي ڊيڊ لائن طئي ناھي ڪئي، وقت جو تعين پاڻ ڪمانڊ ان چيف ڪندو.
ڪيرولين ليوٽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ايران کي متفقھ تجويزن لاءِ ڪجھھ ڏينھن ڏئي رھيا آھيون، ان دوران عارضي جنگبندي برقرار رھي سگھي ٿي، ايران طرفان ٻن جھازن کي تحويل ۾ وٺڻ کي صدر ٽرمپ جنگبندي جي خلاف ورزي نٿو سمجھي.
ڪيرولين ليوٽ چيو تھ ايران جي تحويل ۾ ويندڙ ٻئي جھاز آمريڪي آھن نھ ئي اسرائيلي، ايران کي لازمي افزودھ يورينيم حوالي ڪرڻو ھوندو، صدر ٽرمپ آبناءِ ھرمز ۾ ناڪابندي مان مطمئن آھي.
ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ آمريڪي صدر ٽرمپ جي معاشي دٻاءُ مھم ڪامياب رھي، ايران ملازمن کي پگھارون ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناھي، آمريڪا پنھنجي شرطن ۾ نرمي نھ ڪندو.