پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي ٽئين ڏينھن لاھا چاڙھا ڏٺا پيا وڃن.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 257 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کان پوءِ انڊيڪس ھڪ لک 72 ھزار 898 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 71 ھزار 841 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو جڏھن تھ ھڪ لک 73 ھزار 343 جي بلند سطح تائين بھ ويو.
واضح رھي تھ گذريل ڏينھن ڪاروباري جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 73 ھزار 155 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 87 پئسن جو ٿي ويو.
گذريل ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 90 پئسن تي بند ٿيو ھو.