اسلام آباد: حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گھرواري مشعال ملڪ چيو آھي تھ ياسين ملڪ جي جان کي شديد خطرو آھي، عالمي برادري ان جو فوري طور تي نوٽيس وٺي.
پنھنجي بيان ۾ مشعال ملڪ جو چوڻ ھو تھ پرامن جدوجھد ڪندڙن کي سزا ڏيڻ ناانصافي آھي، ياسين ملڪ جي بگڙجندڙ صحت ڳڻتي جوڳي آھي کيس فوري طبي امداد ڏني وڃي.
ھن چيو تھ عالمي طاقتون پنھنجا واعدا پورا ڪن ۽ ڪشميرين جي آواز ٻڌن.
مشعال ملڪ جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ڪشمير ۾ امن صرف سياسي حل سان ئي ممڪن آھي، ڪشميري قيادت جي آزادي خطي جي استحڪام لاءِ ضروري آھي.