ايران جنگ جي مخالفت: ايران ڄائي آمريڪي ميمبر ڪانگريس ياسمين انصاري کي ڌمڪيون

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) ايران جنگ جي مخالفت بعد ايران ڄائي آمريڪي ميمبر ڪانگريس ياسمين انصاري کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون.

آمريڪي ميمبر ڪانگريس ياسمين انصاري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس اڪائونٽ تي ڌمڪيون ملڻ جي تصديق ڪئي آھي.

ياسمين انصاري جو چوڻ آھي تھ ايران جنگ جي آغاز کان پوءِ مون کي، منھنجي خاندان ۽ عملي کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، منھنجي خلاف جعلي ۽ اي آءِ سي تيار ڪيل تصاويرون ڦھلايون ويون ۽ منھنجي شھريت بابت بھ بي بنياد الزام لڳايا ويا.

ھن جو چوڻ ھو تھ ڌمڪيون پيٽ ھيگسٿ جي خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ بعد وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويون، ڌمڪيون نفرفت، نسل پرست ۽ عورت مخالف رويي تي ٻڌل آھن.

ياسمين انصاري وڌيڪ چيو تھ مون تي حملا ھڪ ناڪام ۽ غير قانوني جنگ تان ڌيان ھٽائڻ جي ڪوشش آھن، تنقيد کي قبول ڪريان ٿي پر خاندان ۽ عملي خلاف ڌمڪيون ھرگز برداشت ناھن، آمريڪي صدر ۽ وزير جنگ جي پاليسين جي خلاف آواز بلند ڪندي رھنديس.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں