نيويارڪ: اقوام متحدھ جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس صدر ٽرمپ جي جنگبندي ۾ واڌ واري اعلان کي ڀليڪار ڪيو آھي.
سيڪريٽري جنرل يو اين چيو تھ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، اميد آھي تھ ڳالھيون جامع ۽ ڊگهي عرصي واري حل جي راھ ھموار ڪنديون، اھو ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي طرف پھريون قدم آھي.
اقوام متحد جي سيڪريٽري جنرل چيو تھ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتڪاري لاءِ موقعو پيدا ٿي ويو، ھن ڌرين کي جنگبندي جو احترام ڪرڻ ۽ اشتعال انگيزي پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.
اقوام متحدھ جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ موجب اھو ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي طرف اھم قدم آھي، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتڪاري ۽ اعتماد سازي لاءِ اھم وقعو فراھم ڪري ٿي.
سيڪريٽري جنرل تمام ڌرين تي زور ڀريو تھ اھي ھن اڳڀرائي کي اڳتي وڌائين، جنگبندي جي خلاف ورزي نھ ڪن ۽ ڳالھين ۾ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪن.
ھن چيو تھ گوتريس پاڪستان جي ڪردار جي بھ حمايت ڪري ٿو جنھن ڳالھين ۾ سھولتڪاري ڪئي آھي، اميد ظاھر ڪئي آھي تھ پاڪستان جون اھي ڪوششون ھڪ جامع ۽ پائيدار حل لاءِ حالتون سازگار بڻائڻ ۾ مدد ڏينديون.