پاڪستان بھترين سفارتڪار، معاھدي جي اميد برقرار، ڳالھين جو ٻيو دور سڀاڻي ٿيندو: آمريڪي ميڊيا

فہرستِ مضامین

واشنگٽن، اسلام آباد: آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي تھ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالھين جو ٻيو دور سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندو.

آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اڄ پاڪستان روانو ٿيڻ جي توقع آھي جڏھن تھ ايران جو ڳالھين ۾ حصو وٺندڙ وفد بھ اڄ اسلام آباد پھچڻ جو امڪان آھي.

آمريڪي ويب سائٽ ايڪسيوس ٽن آمريڪي ذريعن جو حوالي ڏيندي چيو تھ نائب صدر جي ڊي وينس اڄ صبح پاڪستان لاءِ روانو ٿيڻ جي توقع آھي جتي ھڪ اھڙو معاھدو ٿيڻ جو امڪان آھي جنھن سان جنگ جو خاتمو ٿي سگھي ٿو.

ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيھي معاملن واري وزير  عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آھي جنھن ۾ امنلاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ايراني پرڏيھي معاملن واري وزارت موجب عباس عراقچي چيو تھ جنگبندي جي بار بار خلاف ورزي سفارتي عمل جي تسلسل ۾ رڪاوٽ آھي، ايراني تجارتي جھازن خلاف ڌمڪيون، مداخلت ۽ ايران بابت بيان ۽ ڌمڪي واري ٻولي بھ سفارتي عمل ۾ رڪاوٽون آھن.

آمريڪا ايران ممڪنھ ڳالھيون: اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام، ريڊ زون ويندڙ تمام رستا بند

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھين جي ٻئي ممڪنھ دور جون تيارين جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آھن.

راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مرڪزي شاھراھن تي پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اھلڪار مقرر آھن، ھر ھنڌ چوڪين تي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ريڊ زون طرفان ويندڙ رستا مڪمل بند ڪيا ويا آھن.

ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي ھر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آھي جڏھن تھ سري نگر ھاءِ وي تي بھ مختلف وقتن ۾ ٽريفڪ روڪي سگھجي ٿي.

ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آھي تھ جاڙن شھرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ھيوي، ڪمرشل ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي داخلا منع آھي، جي 7، 6، 5، ايف 7، 6 جا رھواسي راولپنڊي اچڻ وڃڻ لاءِ مارگلھ روڊ کان نائنٿ ايونيو جو رستو استعمال ڪن.

ٽريفڪ پوليس موجب پارڪ روڊ کان ڪلب روڊ بند ھئڻ جي صورت ۾ ٽريفڪ ترامڙي چوڪ طرف موڙي ويندي جڏھن تھ مصروف ڪاروباري مرڪز بليو ايريا جزوي طور تي کليل آھي.

جاڙن شھرن ۾ ھلندڙ ميٽر بس سروس مڪمل بند ڪئي وئي آھي ۽ ايندڙ ھفتي تائين جاڙن شھرن ۾ ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ڪلاسز کي بھ آن لائن ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں