شادي جي 19ھين سالگرھ تي ايشوريا راءِ جي انسٽاگرام پوسٽ وائرل

فہرستِ مضامین

بالي ووڊ سپر اسٽار ايشوريا راءِ پنھنجي شادي جي 19ھين سالگرھ تي سوشل ميڊيا پوسٽ شيئر ڪئي جيڪا تيزي سان وائرل ٿي وئي.

ايشوريا راءِ ۽ اداڪار اڀيشڪ بچن 20 اپريل 2007 تي شادي ڪئي ھئي، ٻنھي جي ھڪ ڌيءَ ارادھيا آھي.

شادي جي سالگرھ جي موقعي تي اداڪارھ انسٽاگرام تي اڀيشڪ ۽ ارادھيا سان گڏ تصوير شيئر ڪئي، جڏھن تھ ايشوريا جي ھٿ ۾ گلدستو بھ ڏٺو ويو.

ايشوريا جي ان پوسٽ تي ديويا دتھ ۽ ڪاجول سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڪمنٽس ڪيا ۽ جوڙي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں