ايران سان جلد ڊيل ٿي ويندي، جلد بازي ۾ خراب معاھدو نھ ڪندس: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ ايران سان ڊيل جلد ٿي ويندي پر ھو جلد بازي ۾ ڪا خراب ڊيل نھ ڪندو.

آمريڪي صدر ڊيل ٿيڻ تائين ايران جي بحري ناڪھ بندي بھ برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو تھ جي ڊي وينس، سٽيو وڻڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اڄ اسلام آباد وڃي رھيا آھن.

صدر ٽرمپ چيو تھ ايران سان جيڪو معاھدو ڪرڻ وڃي رھيا آھيون اھو اوباما جي جوھري معاھدي کان بھتر ھوندو، دنيا فخر ڪندي، اربع تائين ڊيل نھ ٿي تھ جنگ يقيني آھي.

آمريڪي صدر ايران سان ڊيل لاءِ ڪنھن دٻاءُ ۾ ھئڻ بابت ميڊيا ۾ ايندڙ خبررن کي غلط قرار ڏنو.

ٽرمپ ڊيموڪريٽس کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي انھن کي ڪمزور ۽ غدار قرار ڏنو، چيو تھ ڊيموڪريٽس آمريڪي فوج ۽ ٽرمپ انتظاميھ جي ڪاميابين کي گھٽ ظاھر ڪري رھيا آھن، اسان وڏي پئماني تي جنگ کڻي رھيا آھيون، فيڪ نيوز ميڊيا ايران جي سوڀ جي دعائون ڪري رھي آھي پر ائين نھ ٿيندو.

آمريڪي صدر چيو تھ آپريسن مڊ نائٽ ھيمر ۾ ايران جي جوھري تنصيبات کي مڪمل طور تي تباھ ڪري ڇڏيو ھو، ايراني جوھري تنصيبات جي بحالي ھڪ ڊگھو ۽ مشڪل عمل ھوندو.

ھن ٽروٿ سوشل تي اھو بھ لکيو تھ ڪوڙيون خبرون ڦھلائيندڙ سي اين اين ۽ ٻين ميڊيا پليٽ فارمز اسان جي عظيم پائلٽس کي ڪريڊيٽ نٿا ڏين، بدعنوان ميڊيا ھميشھ اسان کي پائلٽس جي تذليل ۽ توھين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

وائٽ ھائوس دعويٰ ڪئي تھ صدر ٽرمپ آمريڪا کي ايران سان ھڪ وڌيڪ تباھ ڪندڙ ڊيل ۾ نھ ڌڪيندو، آمريڪي صدر جي ماتحت ڊيل ٿي تھ اھا امن، سلامتي جي گارنٽي ڏيندي جيڪڏھن ڪا ڊيل ٿي تھ صرف اسرائيل، وچ اوڀر نھ پر يورپ آمريڪا سميت ھر ھنڌ امن ھوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں