اسلام آباد: سڄي ملڪ مان جاري حج 2026 جي فضائي آپريشن ۾ تيزي اچي وئي آھي ۽ سرڪاري حج پانڌيئڙن جي روانگي جو سلسلو مسلسل جاري آھي.
مذھبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ھينئر تائين 21 اڏامن ذريعي 5 ھزار 250 سرڪاري حج پانڌيئڙا مدينھ منورھ پھچي چڪا آھن.
ترجمان موجب اڄ (اڱاري) ڏينھن وڌيڪ 13 حج اڏامن ذريعي 3 ھزار 510 حج پانڌيئڙا سعودي عرب روانا ٿيندا، اسلام آباد مان 4 اڏامون، ڪراچي، لاھور، ملتان ۽ ڪوئٽھ مان 2، 2 اڏامون روانيون ڪيون وينديون، ان کانسواءِ سيالڪوٽ مان ھڪ حج اڏام بھ حج پانڌيئڙن کي کڻي رواني ٿيندي.
مذھبي معاملن واري وزارت موجب سرڪاري حج پانڌيئڙن جي فضائي آپريشن ۾ قومي ايئر لائن پي آءِ اي سان گڏ سعودي ايئر لائن، ايئر بليو ۽ ايئر سيال بھ حصو وٺي رھيون آھن تھ جيئن حج پانڌيئڙن کي وقت سر ۽ سھولت سان سعودي عرب پھچائي سگھجي.
سڄي ملڪ ۾ قائم 10 حاجي ڪئمپن ذريعي حج پانڌيئڙن جي مرحليوار تربيت، سفري دستاويزن جي فراھمي ۽ ويڪسينيشن جو عمل بھ جاري آھي، عملدارن موجب تمام انتظامن کي موثر بڻائڻ لاءِ خصوصي قدن کنيا ويا آھن.
حج پانڌيئڙن جي رھنمائي ۽ معاونت لاءِ پاڪستان ۽ سعودي جي ايئرپورٽس تي مذھبي معاملن واري وزارت جو عملو 24 ڪلاڪ مقرر آھي جيڪو حاجين کي سفري مرحلن ۾ مڪمل سھولت فراھم ڪري رھيو آھي.
ترجمان موجب حج فلائٽ آپريشن 31 مئي تائين بنا وقفي جاري رھندو جڏھن تھ ايندڙ ڏينھن ۾ وڌيڪ ھزارين حج پانڌيئڙا مقدس سرزمين روانا ٿيندا.