بيروت: لبنان جي اوڀر واري علائقي وادي بقاع ۾ اسرائيل اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ شھري آبادي کي شديد نقصان پھتو.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي طيارن گھرن کي نشانو بڻايو جنھن سان ٻارڙن جا لاش روڊن تي وڃي ڪريا، ڪيترن ئي رھواسين ٻڌايو تھ انھن کي سندن ٻارڙن جا لاش روڊن تي وکريل مليا، ھڪ عورت پنھنجي پٽ ۽ ڌيءَ سان گڏ گھر ۾ موجود ھئي جڏھن کيس نشانو بڻايو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ٻارڙن جو والد پھريان ئي شديد زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي، سو حمر شھر جي ميئر سڪندر برڪھ موجب اسرائيلي حملن ۾ 140 کان وڌيڪ گھر تباھھ يا متاثر ٿيا.
ھن ٻڌايو تھ ڪيترائي ماڻھو واپس اچي چڪا آھن جڏھن تھ اھي مجموعي صورتحال جي حوالي سان ڳڻتي ۾ مبتلا آھن ۽ ھلندڙ ڳالھين جي نتيجن جو انتظار ڪري رھيا آھن جڏھن تھ لبنان اندر اتحاد جي ضرورت تي بھ زور ڏنو پيو وڃي.
مشغرا شھر ۾ بھ رھائشي گھرن کي نشانو بڻايو ويو، متاثر شھري محمود ابراھيم ٻڌايو تھ ھو پنھنجي گاڏي گھر جي ويجھو بيھاري اندر ويا ئي ھو تھ زوردار ڌماڪو ٿيو جنھن سان سندس گھر جون دريون، شيشا ۽ ٻيو سامان مڪمل طور تي تباھھ ٿي ويو.
لبنان ۾ جنگ جي شروعات کان ھينئر تائين مارجي ويل ماڻھن جو انگ وڌي 2 ھزار 387 ٿي ويو آھي جڏھن تھ ھينئر تائين 7 ھزار 602 ڄڻا زخمي بھ ٿيا آھن.