سعودي عرب طرفان پاڪستان کي وڌيڪ ھڪ ارب ڊالر جا فنڊ ملي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سعودي عرب طرفان پاڪستان کي وڌيڪ ھڪ ارب ڊالر جا فنڊز ملي ويا.

اسٽيٽ بئنڪ تصديق ڪندي چيو آھي تھ سعودي عرب طرفان 15 اپريل تي 2 ارب ڊالر پھريان ئي ملي چڪا آھن، 20 اپريل تي ويليو ڊيٽ تي ھڪ ارب ڊالر مليا.

سعودي عرب کان ملندڙ رقم 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي ٻي قسط آھي، سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالرز ڊپازٽ ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ھو.

واضح رھي تھ ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ھو تھ سعودي حڪومت طرفان 3 ارب ڊالرز جي سپورٽ ايندڙ ھفتي تائين اسان کي ملي ويندي.

ناڻي واري وزير جو چوڻ ھو تھ 5 ارب ڊالرز جي ڊپازٽ جي بھ سالياڻي رول اوور بدران ٽن سالن جي واڌ ٿي ويندي، سالياڻي رول اوور بدران ان جي ميچورٽي 2028 تائين ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں