لنڊن: بين الاقوامي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آھي تھ اسرائيل، روس ۽ آمريڪا عالمي انساني حقن جي تباھي ۾ پيش پيش آھن.
عالمي انساني حقن جي صورتحال تي جاري سالياڻي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ھڪ اھڙو عالمي ماحول جتي وحشياڻو ڊگھي عرصي کان جاري رھيو ھو، دنيا ۾ سفارتڪاري جي جاءِ جنگ وٺي رھي آھي.
ايمنسٽي جي سيڪريٽري جنرل ايگنس ڪالا مارڊ چيو تھ گھڻو ڪري حڪومتون عالمي طاقتور جو مقابلو ڪرڻ بدران مفاھمت يا خاموشي اختيار ڪري رھيون آھن، ڪيترن ئي ملڪن جارحانھ پاليسين جي نقل بھ شروع ڪري ڇڏي آھي، شھري جي قتل کي معمول بڻايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب 2025 ۾ بين الاقوامي نظام سان واضح انڪار ڏسڻ ۾ آيو، اھو نظام جيڪو ھولوڪاسٽ ۽ عالمي جنگن جي تباھڪارين بعد جوڙيو ويو ھو ۽ جنھن کي گذريل 80 سالن ۾ ترتيبوار مشڪل سان تعمير ڪيو ويو ھو.
ايگنس سلامتي ڪائونسل تي تنقيد ڪندي چيو تھ ويٽو پاور جو غلط استعمال نظام کي مفلوج بڻائي رھيو آھي، انساني جانين جي قدر گھٽ ٿي رھي آھي، ان نظام کي تازن سالن ۾ شديد ڌڪ رسيو آھي جنھن سان عالمي سطح تي انساني حقن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آھي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سالياڻي رپورٽ ۾ نيتن ياھو، ٽرمپ ۽ پيوٽن کي شڪاري قرار ڏيندي چيو ويو تھ ٽئي اڳواڻ معاشي ۽ سياسي غلبو حاصل ڪرڻ چاھين ٿا.