پوپ ليو جي ھڪ ڀيرو ٻيھر ايران تي حملن جي مخالفت، مسئلي جي پرامن حل تي زور

فہرستِ مضامین

ويٽي ڪن سٽي: سڄي دنيا جي ڪيٿولڪ مسيحن جي روحاني پيشوا پوپ ليو ھڪ ڀيرو ٻيھر ايران تي حملن جي مخالفت ڪندي مسئلي جي پرامن حل تي زور ڏنو آھي.

نيو ايجنسي موجب عالمي اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي پوپ ليو چيو تھ صرف ڳالھين طرف واپسي جي ذريعي ئي جنگ جو خاتمو ممڪن آھي، ايراني شھرين جي جان خطري ۾ آھي، اھو بين الاقوامي قانوني مسئلن کان وڌيڪ اخلاقي مسئلو آھي.

ھن جو چوڻ ھو تھ اھا عالمي اڳواڻن جي ذميواري آھي تھ تشدد ۽ جنگ روڪي امن جو رستو تلاش ڪن، تڪرار جي حل لاءِ ميز تي ويھو.

پوپ ليو وڌيڪ چيو تھ غير منصفاڻي جنگ صرف وڌي رھي آھي، ان مان ڪجھھ حاصل نھ ٿيندو، وچ اوڀر جي صورتحال عالمي معاشي ۽ توانائي جي بحران سان گڏوگڏ نفرت کي بھ ھوا ڏئي رھي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں