بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 364 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کانپوءِ انڊيڪس ھڪ لک 73 ھزار 574 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 625 پوائنٽ جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تھ ھڪ لک 73 ھزار 587 جي بلند سطح تائين بھ ويو.
واضح رھي تھ گذريل ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 73 ھزار 939 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.