8 ڪروڙ ليٽر ڊيزل سان پاڪستاني جھاز آبناءِ ھرمز پار ڪري ويو.
ايراني پاسداران انقلاب ھڪ ٻئي پاڪستاني جھاز کي ھرمز تان گذرڻ جي خصوصي اجازت ڏئي ڇڏي، پاڪستاني بحري جھاز آبناءِ ھرمز پار ڪرڻ بعد خليج عمان ۾ داخل ٿي ويو.
پي اين ايس سي ذريعن مطابق جھاز 2 کان 3 ڏينھن ۾ ڪراچي بندرگاھ پھچندو، جھاز ۾ 8 ڪروڙ ليٽر ڊيزل موجود آھي.