چين ۾ انسان نما روبوٽس کي 24 ڪلاڪن تائين سپر اسٽور ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو، 4 روبوٽس تسلي بخش ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته 2 پنهنجي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
چين جي شهر شنگھائي جي هڪ سپر اسٽور ۾ انسان نما روبوٽس جي صلاحيتن کي پرکڻ لاءِ 24 ڪلاڪن تي ٻڌل هڪ منفرد تجربو ڪيو ويو، جنهن دوران 6 روبوٽس کي ڏينهن ۽ رات جي مختلف وقتن ۾ دڪان جا روزمره جا ڪم ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي.
چيني ڪمپني ايجي بوٽ پاران ”روبوٽ ڪڏهن به موڪل ناهن ڪندا“ جي عنوان سان ڪيل هن تجربي جو مقصد اهو معلوم ڪرڻ هو ته مصنوعي ذهانت سان هلندڙ روبوٽس مسلسل 24 ڪلاڪن تائين حقيقي ماحول ۾ ڪيتري مهارت ۽ خودمختياريءَ سان ڪم ڪري سگهن ٿا.
تجربي دوران 6 روبوٽس مجموعي طور تي 1 هزار 730 ڪم مڪمل ڪيا. انهن ڪمن ۾ 683 گراهڪن جو استقبال، 369 شين کي ڪڍڻ ۽ پهچائڻ، 147 ڀيرا ڪافي تيار ڪرڻ، 126 گرم کاڌن جا آرڊر مڪمل ڪرڻ، 277 ڀيرا شيلفن جي جاچ ۽ سامان کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ، جڏهن ته 128 ٽيبلن جي صفائي ڪرڻ شامل هو.
تجربي ۾ روبوٽس جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو مختلف وقتن تي ورتو ويو، جنهن ۾ منجهند جو رش، شام جا ڪلاڪ، رات جي ڊيوٽي ۽ صبح ناشتي جو وقت پڻ شامل هو.
تجربي دوران ٻن روبوٽس جي ڪارڪردگي اميدن موجب نه رهي. صفائيءَ جي ذميواري نڀائيندڙ هڪ روبوٽ رستي ۾ ڪچري سان ڀريل ڊسٽ بن ڏسي پنهنجو مقرر ڪيل رستو ڇڏي دڪان کان ٻاهر نڪري ويو ۽ ٻيهر پنهنجي مقرر ڪيل جاءِ تي واپس نه پهچي سگهيو.
جڏهن ته ٻيو روبوٽ شيلفن جي نگراني ۽ شين کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ واري ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اهو دڪان ۾ شين جي وڪري جي رفتار مطابق پنهنجي ڪم کي ترتيب نه ڏئي سگهيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان نما روبوٽس ۾ مصنوعي ذهانت جي باوجود حقيقي دنيا ۾ هارڊويئر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ مڪمل خودمختياريءَ سان ڪم ڪرڻ جون صلاحيتون اڃا تائين محدود آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل مهيني آمريڪي ڪمپني ڊائيمينشنل پڻ پنهنجي روبوٽ ڪتن کي شهري ماحول ۾ هلائڻ ۽ انهن جي خودمختيار حرڪت کي بهتر بڻائڻ لاءِ انساني مددگار ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ڪمپني جي باني اسٽيش پوميخٽر موجب، اهڙن تجربن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل نظام اڃا تائين مشينن ۽ هارڊويئر کي اثرائتي نموني ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪمزور آهن.
ڪمپني چين، جرمني ۽ آمريڪا جي مختلف ڪمپنين کان 100 روبوٽ ڪتا ۽ 50 انسان نما روبوٽ خريد ڪيا آهن، جڏهن ته سان فرانسسڪو جي روڊن تي نظر ايندڙ 2 هزار ڊالر ماليت جا روبوٽ ڪتا چيني ڪمپني يونٽري کان خريد ڪيا ويا هئا.
هي تجربو ظاهر ڪري ٿو ته روبوٽس ڪيترو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، پر انساني نگراني کانسواءِ مسلسل ۽ مڪمل خودمختياريءَ سان ڪم ڪرڻ اڃا به هڪ وڏو چئلينج آهي.