لائیو بجلي صارفين ٿي وڃو تيار! 23 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي بار وجهڻ جي تياري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ بجلي صارفين لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان 23 ارب 33 ڪروڙ رپيا وڌيڪ وصول ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع جي ٽئين ٽه ماهي جي خرچن جي ايڊجسٽمينٽ گهري وئي آهي، جڏهن ته بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو، ان جو حتمي فيصلو نيپرا ڪندو.

بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ 38 ارب 92 ڪروڙ رپيا ۽ آپريشنز اينڊ مينٽيننس خرچن جي مد ۾ 5 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپيا صارفين کان وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

درخواست ۾ انڪريمنٽل پيڪيج جي اثرن سبب 29 ارب 25 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي به شامل ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مجموعي طور 23 ارب 33 ڪروڙ رپيا اضافي وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

درخواست موجب تجويز ڪيل ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو اثر ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي بجلي صارفين تي پوندو، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جا واهپيدار به ان کان متاثر ٿيندا.

نيپرا درخواست تي 17 نومبر تي ٻڌڻي ڪندو، جنهن کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ اضافي بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں