2026ع جي سڀ کان طاقتور ۽ ڪمزور پاسپورٽس جي فھرست جاري، پاڪستان جي ڇا پوزيشن آھي؟

فہرستِ مضامین

دنيا جي طاقتور ۽ ڪمزور ترين پاسپورٽس جي سامھون آيل فھرست تحت سنگاپور پھرين جڏھن تھ پاڪستان ڪمزور ترين اسپورٽس ۾ چوٿين نمبر تي موجود آھي.

عالمي اداري ھينلي پاسپورٽ انڊيڪس جي تازي درجابندي مطابق دنيا جي طاقتور پاسپورٽس جي فھرست جاري ڪئي وئي آھي جنھن ۾ سنگاپور بدستور پھرين نمبر تي موجود آھي، سنگاپور جا شھري بنا ويزا 129 ملڪن جو سفر ڪري سگھن ٿا جيڪا عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ رسائي آھي.

ٻئي نمبر تي 3 ملڪ جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ متحدھ عرب امارات گڏيل طور تي موجود آھن جن جا شھري 187 ملڪن تائين ويزا فري رسائي رکن ٿا، ان کان پوءِ ناروي ۽ سوئٽزرلينڊ 185 ملڪن سان گڏ نمايان آھن.

رپورٽ مطابق يورپي ملڪ مجموعي طور تي پاسپورٽ طاقت ۾ سر فھرست آھن جڏھن تھ يورپي يونين جو سراسري 183 ملڪن تائين ويزا فري رسائي ٺھي ٿو جيڪو ملائيشيا ۽ برطانيھ جي برابر آھي.

ٻئي طرف ڪمزور پاسپورٽس جي فھرست ۾ افغانستان سڀ کان ھيٺئين نمبر تي آھي، جتي شھري صرف 23 ملڪن تائين بنا ويزا سفر ڪري سگھن ٿا، ڪمزور ترين پاسپورٽس ۾ ٻيو نمبر شام جي پاسورٽ جو آھي، عراق جو ٽيون نمبر آھي، پاڪستان ان فھرست ۾ چوٿين نمبر تي موجود آھي.

ڪمزور پاسپورٽس وارن ملڪن ۾ سياسي عدم استحڪام، تڪرار ۽ ھجرت جي وڌندڙ رجحانن جھڙا سبب شامل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں