پاڪستان ۾ سال 2025ع ۾ صنفتي تشدد جي واقعن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو، عورتن جي سائبر ھراسگي جا 2 ھزار 586 واقعا ٿيا جڏھن تھ 470 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿيون.
ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سال 2025ع جي ناقص انساني حقن بابت سالياڻي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ مطابق سال 2025ع ۾ پاڪستان بنيادي حق لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان 143 ملڪن ۾ 130ھين نمبر تي رھيو، موت جي سزا جي شرح ۾ بھ اضافو ٿيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ 2025 ۾ ھڪ ھزار 272 دھشتگرداڻن حملن ۽ دھشتگردي جي ڪارروائين ۾ 3 ھزار 417 موت ٿيا، 2 ھزار 134 ڄڻا زخمي ٿيا.
ايچ آر سي پي جي سالياڻي رپورٽ مطابق پوري ملڪ ۾ ھڪ ھزار 155 پوليس مقابلن ۾ ھڪ ھزار 696 ڄڻا ماريا ويا، انھن مان سي ٽي ڊي پنجاب جا ھڪ ھزار 128 انڪائونٽرز ۾ 977 ڄڻا ماريا ويا. جيلن ۾ قيدين جي شرح 171 سيڪڙو تائين پھچي چڪي آھي.
ايڇ آر سي پي رپورٽ مطابق پرڏيھھ ۾ 21 ھزار 600 پاڪستاني شھري قيد آھن. ڀارتي جيلن ۾ 738 پاڪستاني آھن جن ۾ ماھيگير بھ شامل آھن.
عالمي جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ پاڪستان 148 ملڪن مان 145ھين نمبر تي رھيو، صنفي تشدد جي واقعن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو، گھريلو تشدد جي واقعن ۾ ھڪ ھزار 332 عورتن کي قتل ڪيو ويو، ريپ جا 3 ھزار 815 ڪيس سامھون آيا. عورتن جي سائبر ھراسگي جا 2 ھزار 586 واقعا ٿيا جڏھن تھ 470 عورتون غير جي نالي تي قتل ڪيون ويون.
رپورٽ مطابق ٻارڙن تي تشدد جا 3 ھزار 600 ڪيس رپورٽ ٿيا. اغوا جا ھڪ ھزار 107 ڪيس ٿيا، 365 ٻار گم ٿيا، ننڍي عمر جي شادي جا 53 ڪيس رپورٽ ٿيا، ٻارڙن سان ڏاڍائي جا 52 ڪيس فحش مواد سان لاڳاپيل ھئا.
رپورٽ مطابق سال 2025ع ۾ 19 ٽرانس جينڊز قتل ٿيا، ٻن تي تيزا اڇلايو ويو. خيبر پختونخواھ ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 ٽرانس جينڊر قتل ٿيا، 13 جنسي تشدد جو نشانو بڻيا.
ايڇ آر سي پي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ سال 2025ع ۾ وڌيڪ لکين ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا.