200 يونٽ تائين بجلي سبسڊي ختم، پاڪستان آءِ ايم ايف کي نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي لکت ۾ يقين ڏياريندي بجلي سبسڊي جي موجودھ نظام ۾ وڏي تبديلي جو اشارو ڏنو ويو آھي، 8 مھينن جو نئون نظام متعارف ڪرايو ويندو جنھن تحت 200 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪري جنوري 2027ع کان ھدفي (ٽارگيٽڊ) سبسڊي متعارف ڪرائي ويندي.

اھا سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ڊيٽا جي بنياد تي صرف مستحق صارفين کي فراھم ڪئي ويندي، جنھن سان سبسڊي جي غلط استعمال کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.

ذريعن مطابق موجودھ نظام ۾ ڪيترن ئي گھراڻن طرفان ٻھ يا ٽي ميٽر نصب ڪري ھر ميٽر جي کپت 200 يونٽس کان گھٽ رکڻ جو رجحان ڏٺو وڃي ٿو تھ جيئن وڌ کان وڌ سبسڊي حاصل ڪري سگھجي، جڏھن تھ نئين نظام جي لاڳو ڪرڻ سان ان طرز عمل جو حوصلا شڪني ٿيندي.

حڪومت ان مقصد جي لاءِ نيشنل سوشيو اڪنامڪ رجسٽري (اين ايس اي آر) سان بجلي صارفين کي ڳنڌڻ جو نظام تيار ڪري رھي آھي، جنھن ۾ عالمي بئنڪ جو تعاون بھ حاصل ھوندو، جڏھن تھ سبسڊي جي ادائيگي لاءِ ھڪ بيروني فرم جي ذريعي موثر ميڪانزم واضح ڪيو ويندو.

ھوڏانھن حڪومت پنجاب ۾ متعارف ڪرايل اي آبيانھ نظام کي ايندڙ مالي سال کان سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان تائين توسيع ڏيڻ جي تياري ڪري رھي آھي، جڏھن تھ آبپاشي جي پاڻي جي اگھن کي آپريشن ۽ سار سنڀال جي خرچن جي مطابق ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ بھ سڌارن تي ڪم جاري آھي.

اعليٰ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) جي تحت 20 ڪروڙ ڊالر جي ٻي قسط حاصل ڪرڻ جي ويجھو آھي، جنھن جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 مئي 2026ع تي واشنگٽن ۾ اجلاس ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں