12 جون 2022ع سائين عبدالقادر منگي جي وڇوڙي جو ڏينهن

فہرستِ مضامین

تحرير: ذوالفقار علي ڀٽي

سنڌ جي نامياري ليکڪ، بيوروڪريٽ، محقق ۽ تاريخي شعور رکندڙ شخصيت عبدالقادر منگي 26 نومبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري شهر ۾ علي شير خان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو۔ سندس گهر جو نالو محمد بچل جڏهن ته ڇٺيءَ جو نالو عبدالقادر رکيو ويو۔ سندس والده جو نالو غلام فاطمہ هو۔ سندس والد جو تعلق مديجي، تعلقي ڳڙهي ياسين سان هو، جيڪو سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد پهرين استاد ۽ پوءِ تپيدار مقرر ٿيو۔ بعد ۾ رتيديري ۾ اچي رهيو، جتي عبدالقادر منگيءَ جي پيدائش ٿي۔ سندس والد سپروائيزنگ تپيدار طور 1959ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ 1962ع ۾ وفات ڪري ويو۔ ان وقت عبدالقادر منگيءَ جي عمر لڳ ڀڳ چوڏهن يا پندرهن سال هئي۔ ننڍپڻ ۾ سندس پرورش ۽ سارسنڀال سندس مامي ديدار حسين منگي ڪئي۔

عبدالقادر منگي ننڍپڻ کان ئي ذهين شاگرد هو۔ هن ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان حاصل ڪئي، جتان 1965ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين۔ ان کان پوءِ 1968ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر سائنس پاس ڪيائين۔ مقابلي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ/ڪاليج پشاور ۾ داخلا ورتائين، جتان 1970ع ۾ B.Sc فاريسٽري جو ڊپلوما حاصل ڪري سنڌ ۾ رينج فاريسٽ آفيسر طور مقرر ٿيو۔

مئي 1975ع ۾ صوبائي سول سروس ۾ شامل ٿيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر طور کپري، گهاري، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين۔ 1988ع ۾ 18هين گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪري لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ٿيو۔

عبدالقادر منگيءَ کي علم، ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان گهري دلچسپي هئي۔ هن جتي به خدمتون سرانجام ڏنيون، اتي تاريخي ۽ ثقافتي شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرايون۔ گهاري ۾ پنهنجي مقرريءَ دوران 1983ع ۾ ڀنڀور ۽ ديبل بابت اهم سيمينار ڪرايائين ۽ انهن ۾ پڙهيل مقالن کي “ڀنڀور ۽ ديبل” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايائين۔ جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ مقرر ٿيو ته اتي وتائي فقير بابت سيمينار ڪرايائين ۽ ان حوالي سان پڻ ڪتاب شايع ڪرايائين۔ اهي ٻئي ڪتاب سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا۔

جنوري 1992ع ۾ نئين قائم ٿيل ضلعي ٿرپارڪر جي ضلعي هيڊڪوارٽر مٺيءَ ۾ بدلي ٿي آيو۔ ٿر جي ماڻهن جي ڏکن، ڏولاون ۽ محرومين کي هن پنهنجو درد سمجهيو ۽ ٿرين جي ڀلائي لاءِ “ٿر سيمينار” منعقد ڪرايائين۔ ان سيمينار جي رپورٽ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪري حڪومت ڏانهن اهم سفارشون موڪليائين۔ ساڳئي سال ٿر ۾ ڪوئلي جي دريافت به ٿي، جنهن کان پوءِ هن ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بنيادي قدم کنيا۔ سندس انهن خدمتن جي مڃتا طور سگا پاران 1994ع ۾ “Services to Down Trodden People of Thar” ايوارڊ سان نوازيو ويو۔

عبدالقادر منگي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون۔ سندس پهرين گهرواري خورشيد، مارچ 1991ع ۾ دل جي دوري سبب جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪري وئي۔ ان مان کيس ٻه نياڻيون صفيه قادر (1971ع)، ذڪيه قادر (1972ع) ۽ هڪ پٽ انيس ڄائو۔ بعد ۾ 1996ع ۾ خيرپور جي کرل خاندان مان عزيز فاطمہ کرل سان ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻه پٽ محمد اريس خان ۽ علي حميص قادر پيدا ٿيا۔

هو 2001ع ۾ حيدرآباد جو آخري ڪمشنر رهيو۔ جنرل پرويز مشرف جي نئين نظام تحت نوابشاهه ۽ سکر جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر پڻ رهيو۔ سندس آخري سرڪاري مقرري سيڪريٽري ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر طور ٿي، جتان 25 نومبر 2007ع تي رٽائرڊ ٿيو۔

عبدالقادر منگي 2008ع ۾ دوستن سان گڏجي “ڌرتي نيوز چينل” جو بنياد وڌو، پر ڪجهه عرصي بعد ان کان الڳ ٿي ويو۔ 2009ع کان 2011ع تائين گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو۔

سندس ذاتي لائبريري ۾ تقريباً ست هزار ڪتاب موجود هئا، جيڪي مختلف موضوعن تي مشتمل هئا۔ سندس آتم ڪٿا “جوئي آهيان سوئي آهيان” سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2017ع ۾ شايع ڪئي وئي۔

عبدالقادر منگي 12 جون 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي۔ سندس وفات سان سنڌ هڪ باصلاحيت بيوروڪريٽ، علم دوست انسان، تاريخ ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙ ليکڪ ۽ سماجي شعور رکندڙ شخصيت کان محروم ٿي وئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں