آمريڪا ايران معاھدو دنيا لاءِ ڇو اھم آھي؟

فہرستِ مضامین

فهميده رياض

گذريل ڪجهه مهينن کان اوهان آمريڪا، ايران، آبنائي هرمز ۽ جنگ بندي بابت خبرون ٻڌندا پيا اچو، پر جيڪڏهن اوهان اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته اصل ۾ ٿيو ڇا آهي ۽ هي معاهدو دنيا لاءِ ڇو اهم آهي، ته اچو ان کي سادي ٻوليءَ ۾ سمجهون.

ناظرين، ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ ڇڪتاڻ ۽ فوجي ڪاررواين کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران هڪ اهڙي معاهدي تي متفق ٿيا آهن، جنهن کي خطي ۾ امن ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. اميد آهي ته هن معاهدي تي هلندڙ هفتي سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ باضابطه صحيون ڪيون وينديون.

پر سوال اهو آهي ته هي تڪرار شروع ڪيئن ٿيو، معاهدي ۾ ڇا شامل آهي ۽ ان جا اثر ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟

فيبروري جي آخر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي جوهري پروگرام بابت وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ايران تي حملا ڪيا. ان جي جواب ۾ ايران اسرائيل ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي مفادن کي نشانو بڻايو.

چند ئي ڏينهن اندر هي تڪرار ايران ۽ اسرائيل تائين محدود نه رهيو، پر لبنان به ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو. لبنان ۾ ايران جي حمايت يافته گروهه حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جهڙپن صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو.

ان دوران ايران آبنائي هرمز تي پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي. آبنائي هرمز دنيا جي اهم ترين سامونڊي واپاري رستن مان هڪ آهي، جتان لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو عالمي تيل ۽ گئس جو لنگھ ٿيندو آهي. هن رستي ۾ رڪاوٽ سبب عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون ۽ توانائيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو.

هاڻي اچو ته هن معاهدي بابت ڳالهايون.

ٻنهي ملڪن ۽ ثالثي ڪندڙ ملڪن جي بيانن موجب معاهدي جي اهم نقطن ۾ سڀني محاذن تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي،

 لبنان ۾ جاري ويڙهه جو خاتمو، آبنائي هرمز کي عالمي جهازراني لاءِ ٻيهر کولڻ، ايراني بندرگاهن تي آمريڪي سامونڊي ناڪابندي جو خاتمو، ايران جي جوهري پروگرام بابت مستقبل  ۾ ڳالهيون ۽ ايران جا منجمد اثاثا مرحليوار آزاد ڪرڻ شامل آهن.

ان کان علاوه ايندڙ سٺ ڏينهن دوران هڪ حتمي ۽ جامع معاهدي لاءِ به ڳالهيون جاري رهنديون.

سادن لفظن ۾، ٻنهي ڌرين پهرين جنگ روڪڻ ۽ پوءِ پيچيده معاملن تي ڳالهين ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

هن معاهدي جو هڪ اهم پهلو پاڪستان جو سفارتي ڪردار به آهي، جنهن قطر سان گڏجي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري هن اڳڀرائي کي پاڪستان لاءِ هڪ اهم سفارتي ڪاميابي پڻ قرار ڏنو پيو وڃي.

ان کان علاوه سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه کي به سفارتي ڪوششن ۾ سهڪار ڪرڻ تي ساراهيو ويو آهي.

ايران شروع کان ئي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو ٿيندو ته ان ۾ لبنان کي به شامل هئڻ گهرجي. ان جو سبب اهو آهي ته حزب الله ايران جو هڪ اهم اتحادي آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيل سان سڌي محاذ آرائي ۾ مصروف آهي.

لبنان ۾ ڪيترائي ماڻهو هن معاهدي کي اميد جي نظر سان ڏسي رهيا آهن، پر صورتحال اڃا مڪمل طور واضح ناهي. ڪجهه اسرائيلي اڳواڻن معاهدي بابت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي سلامتي پاليسين تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو.

ٻئي پاسي هڪ وڏو مسئلو ايران جو جوهري پروگرام پڻ آهي. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ڪيترن ئي سالن کان اهو مطالبو ڪندا رهيا آهن ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نه ڪري، جڏهن ته ايران جو موقف آهي ته سندس جوهري پروگرام رڳو پرامن مقصدن لاءِ آهي ۽ ان جي بدلي ۾ کيس معاشي پابندين مان ڇوٽ ملڻ گهرجي.

هي نئون معاهدو هن تڪرار کي فوري طور حل نٿو ڪري، پر ايندڙ سٺ ڏينهن دوران ٻئي ڌريون هن معاملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪنديون.

هي معاهدو صرف ايران ۽ آمريڪا تائين محدود ناهي، پر ان جا اثر سڄي دنيا تي پئجي سگهن ٿا.

آبنائي هرمز جي بحالي سان عالمي تيل جي فراهمي معمول تي اچي سگهي ٿي، جنهن سان ايندھن جي قيمتن ۾ استحڪام اچڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه وچ اوڀر ۾ جنگ جي وڌيڪ ڦهلجڻ جو خطرو به گهٽجي سگهي ٿو.

جيڪڏهن هي معاهدو ڪامياب رهي ٿو ته نه رڳو خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي، پر عالمي معيشت کي به ان جا مثبت اثر حاصل ٿي سگهن ٿا.

في الحال ته هٿيار خاموش ٿيندا نظر اچي رهيا آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي جنگ بندي مستقل امن ۾ تبديل ٿي سگهندي؟ ان جو جواب ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ سامهون ايندو.

جيڪڏهن ٻئي ڌريون پنهنجن واعدن تي قائم رهيون ته هي معاهدو نه رڳو وچ اوڀر پر سڄي دنيا لاءِ هڪ نئين ۽ نسبتاً پرامن دور جي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں