واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار وال اسٽرٽ جنرل دعويٰ ڪئي آھي تہ صدر ٽرمپ ۽ ان جا صلاحڪار امن ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ ايران خلاف محدود فوجي حملا ٻيهر شروع تي غور ڪري رھيا آھن ۽ گڏوگڏ آبنائي هرمز جي ناڪابندي بہ برقرار رکي وڃي۔
اخبار موجب هن قدم کي امن ڳالهين ۾ پيدا ٿيل رنڊڪ ختم ڪرڻ جي هڪ طريقي طور ڏٺو پيو وڃي۔
رپورٽ موجب صورتحال کان آگاهہ ذريعن جو چوڻ آهي تہ ٽرمپ وٽ مڪمل فضائي بمباري مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جو اختيار بہ موجود آهي، پر اهو امڪان گهٽ آهي، ڇو تہ ان سان علائقي ۾ وڌيڪ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ صدر ڊگهي فوجي تڪرارن کان پاسو ڪرڻ جو حامي آهي۔
اخبار موجب هڪ ٻيو آپشن اهو بہ آهي تہ ٽرمپ عارضي نوعيت جي ناڪابندي لاڳو ڪري، جڏھن تہ هو اتحادي ملڪن تي دٻاءُ وجهي تہ اهي مستقبل ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن جي حفاظت لاءِ ڊگهي مدي وارا فوجي مشن پاڻ سنڀالين۔….