آمريڪي ٽي وي سي اين اين جي رپورٽ موجب ڳالھين ۾ حصو وٺندڙ ايراني ٽيم اڱاري تي ڳالھين لاءِ پاڪستان پھچندي.
آمريڪي ميڊيا ٽيم انھن ئي شخصيتن تي ٻڌل ھوندي جن پھرئين مرحلي ۾ ڳالھين ۾ شرڪت ڪئي ھئي.
آمريڪي چينل ٻڌايو تھ ايراني اميد ڪري رھيا آھن تھ اربع تي جنگبندي ۾ واڌ جو علامتي گڏيل اعلان ٿي سگھي ٿو.
رپورٽ موجب معاملا ٺيڪ رھيا ۽ جيڪڏھن صدر ٽرمپ پاڪستان وڃڻ تي راضي ٿيو تھ ايراني صدر بھ پاڪستان وڃي سگھي ٿو، ٻئي صدر پاڪستان ويا تھ ٻئي گڏيل پڌرنامي تي صيحيح ڪندا.
آمريڪي چئنل اھو بھ چيو تھ ايران طرفان ھينئر تائين باضابطھ طور تي وفد موڪلڻ جي تصديق نھ ڪئي وئي آھي.
ياد رھي تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بھ گذريل ڏينھن چيو ھو تھ سندس نمائندا ڳالھين لاءِ اسلام آباد وڃي رھيا آھن.