اسٽاڪ ھوم: آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو چيو آھي تہ آمريڪا ايران ڳالھين لاءِ پاڪستان مان وفد شايد اڄ تھران پھچي رھيو آھي.
آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، اسان ايران سان ڪامياب ڳالھيون چاھيون ٿا.
مارڪو روبيو چيو تہ ايران سان معاھدي جا مثبت اشارا مليا، معاھدي لاءِ تمام ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ڳالھين ۾ اڳڀرائي جا امڪان موجود آھن.
آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو سويڊن پھچڻ تي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ۽ معاھدي لاءِ تمام ممڪنہ ڪوششون جاري آھن.
ھن جو چوڻ ھو تہ ايران سان ڳالھين جي حوالي سان مثبت اشارا مليا آھن ۽ اڳڀرائي جا امڪان موجود آھن، ھن چيو تہ ھاڻ اھو ڏسڻو آھي تہ ايران سان ڪنھن معاھدي تائين پھچي سگھجي ٿو يا نہ.
آمريڪي پرڏيھي وزير واضح ڪيو تہ ايران کي ايٽمي ھٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي جڏھن تہ آمريڪا ايران سان ڪامياب ڳالھين جو خواھشمند آھي، ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستاني عھديدار ايران وڃي رھيا آھن ۽ ايندڙ ڏينھن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي سگھندي.
مارڪو روبيو نيٽو جي حوالي سان بہ خيالن جو اظھار ڪندي چيو ھو تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتحاد جي ڪيترن ئي معاملن تي نيٽو مان مايوس آھي، ھن اھو بہ چيو تہ جيڪڏھن آمريڪي قومي سلامتي کي خطرو ٿيو تہ صدر ٽرمپ ان جي ازالي لاءِ قدم کڻڻ جو پابند ھوندو.
ھن ڪيوبا جي معاملي تي چيو تہ آمريڪي انتظاميہ سفارتي حل کي ترجيح ڏئي رھي آھي جڏھن تہ آمريڪا توانائي جي شعبي ۾ رڪارڊ پيداوار جي سطح تائين پھچي چڪو آھي، مارڪو روبيو وڌيڪ چيو تہ آمريڪا ايبولا وائرس کي ملڪ تائين پھچڻ کان روڪڻ لاءِ بہ ڪم ڪري رھيو آھي.