گھر وارا شادي نٿا ڪرائين، عورت شادي لاءِ ٿاڻي پھچي وئي

فہرستِ مضامین

ڀارت جي ھڪ عورت پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي آھي تھ گھر وارا سندس شادي نھ پيا ڪرائين جنھن ڪري گذارش آھي تھ پوليس ڪنھن سٺي شخص سان شادي ڪرائي.

ٽريبيون انڊيا مطابق رياست اتر پرديش جي علائقي سراءِ عنايت جي رھواسڻ ماڌوري پٽيل پوليس کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تھ گھر وارا خرچ کان بچڻ لاءِ منھنجي شادي نھ ڪرائي رھيا آھن.

ماڌوري پٽيل چيو تھ ھوءَ شادي ڪرڻ چاھي ٿي پر ڀاءُ ۽ سندس گھرواري راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندا آھن ۽ ڪيترن ئي رشتن لاءِ انڪار ڪري ڇڏيو، عورت درخواست ۾ ڀاءُ تي الزام لڳايو تھ ھن خاندان زمين پنھنجي نالي تي منتقل ڪرائي ڇڏي آھي پر سندس شادي جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناھي.

ھن پنھنجي درخواست ۾ والد، والدھ، ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي ڌر قرار ڏنو آھي ۽ چيو آھي تھ ھوءَ 20 سالن کان اڪيلي رھيل آھي ۽ پنھنجا خرچ بھ پاڻ برداشت ڪري رھي آھي.

ھن گھر وارن تي سندس لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ جو بھ الزام لڳايو آھي، عورت طرفان درخواست ۾ پوليس کي گذارش ڪئي وئي آھي تھ ڪو سٺو ماڻھو ڏسي شادي ڪرائي وڃي تھ جيئن عزت سان زندگي گذاري سگھان.

پوليس عملدارن جو چوڻ آھي تھ شڪايت سامھون اچڻ کان پوءِ معاملي جي تحقيق شروع ڪئي وئي آھي ۽ شاھدين جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں