گرين لينڊ تڪرار دوران ميٽي فريڊرڪسن ٽيون ڀيرو ڊنمارڪ جي وزيراعظم چونڊجي وئي

فہرستِ مضامین

ڊنمارڪ ۾ 2 مهينن کان وڌيڪ سياسي تعطل کان پوءِ سوشل ڊيموڪريٽ اڳواڻ ميٽي فريڊرڪسن نئين اقليتي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ هوءَ لاڳيتو ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجي وئي آهي۔

عرب ميڊيا موجب مارچ ۾ ٿيل عام چونڊن کان پوءِ ڪنهن به پارٽي کي واضح اڪثريت حاصل نه ٿي سگهي، جنهن سبب حڪومت ٺاهڻ جو عمل ڊگهي ڳالهين جو شڪار رھيو۔ 12 پارٽين وچ ۾ ڪيترن ئي هفتن جي مشاورت کان پوءِ نئين حڪومت جي قيام تي اتفاق ٿيو آهي۔

چونڊن ۾ ميٽي فريڊرڪسن جي پارٽي جون پارلياماني سيٽون 50 کان گهٽجي 38 ٿي ويون، جيڪو 1903 کان پوءِ ان پارٽي جي سڀ کان گهٽ ڪارڪردگي قرار ڏنو پيو وڃي۔

نئين حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج گرين لينڊ جي معاملي تي آمريڪا سان وڌندڙ ڇڪتاڻ آهي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گرين لينڊ کي آمريڪا ۾ شامل ڪرڻ بابت بيانن کان پوءِ هي تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي۔

ميٽي فريڊرڪسن واضح ڪيو آهي ته ڊنمارڪ پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو ۽ گرين لينڊ تي آمريڪي قبضو نيٽو جي مستقبل لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو۔

ان کان علاوه حڪومت کي يوڪرين جنگ سبب يورپ جي بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال سان به منهن ڏيڻو پوندو۔

ڊنمارڪ اڳ ئي دفاعي خرچن کي مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي 3 سيڪڙو کان وڌيڪ تائين وڌائي چڪو آهي، جڏهن ته عورتن لاءِ فوجي ڀرتي جو دائرو به وڌايو ويو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں