لائیو گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو: آر ايل اين جي نه اچڻ سبب سپلائي سخت متاثر

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ملڪ ۾ گئس جو بحران وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، جتي آر ايل اين جي (Liquefied Natural Gas) جي فراهمي متاثر ٿيڻ سبب سپلائي ۾ وڏي گهٽتائي اچي وئي آهي.

سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي ذريعن موجب موجوده آر ايل اين جي جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن، جنهن سبب گئس جي فراهمي گهٽجي صرف 700 ملين ڪيوبڪ فٽ روزانو تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ اها مقدار لڳ ڀڳ 1200 ملين ڪيوبڪ فٽ هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي کوٽ (شارٽ فال) 600 ملين ڪيوبڪ فٽ کان به وڌي وئي آهي، جيڪا توانائي جي شعبي لاءِ وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.

گئس جي کوٽ جو سڌو اثر پاور ۽ ڀاڻ (فرٽيلائيزر) سيڪٽر تي پيو آهي، جتي فراهمي تمام گهٽ سطح تي اچي وئي آهي. ان سان گڏ گهريلو صارفين لاءِ به گئس جي سپلائي محدود ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٻئي طرف سوئي گيس اختيارين جو چوڻ آهي ته کاڌي جي ٽنهي وقتن صبح، منجهند ۽ شام ۾ صارفين کي گئس فراهم ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، پر مجموعي طور بحران برقرار آهي.

ماهرن موجب عالمي حالتن، خاص طور تي ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ سبب آر ايل اين جي جي سپلاءِ متاثر ٿي آهي، جنهن جو سڌو اثر پاڪستان جي توانائي نظام تي پيو آهي.

هي صورتحال واضح ڪري ٿي ته ملڪ کي توانائي جي متبادل ذريعن ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جي سخت ضرورت آهي، نه ته اهڙا بحران بار بار سامهون ايندا رهندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں