اسلام آباد: پرڏيھي وزارت جي ترجمان چيو آھي تھ سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪمبوڊين عملدارن سيام ريپ صوبي ۾ گرفتار 54 پاڪستاني شھرين کي جلد وطن واپس موڪلڻ تي اتفاق ڪيو آھي.
ترجمان موجب ڪمبوڊيا ۾ پاڪستاني سفارتخانو معاملي کي سنجيدگي سان اٿاريندي مقامي عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ رھيو، پرڏيھي وزير جي ھدايتن تحت پرڏيھھ ۾ پاڪستانين جي سھولت ۽ تحفظ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
ھن چيو تھ پاڪستاني شھري ھڪ سڪيم ڪمپائونڊ تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيا ويا ھئا، پاڪستاني سفارتخاني جو عملو حراست ھيٺ ماڻھن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ قدم کڻي رھيو آھي، جيئن ئي اڏامن جا انتظام مڪمل ٿيندا، انھن کي پاڪستان روانو ڪيو ويندو.
ترجمان وڌيڪ چيو تھ ڪمبوڊين عملدارن انھن خلاف آن لائن سڪيمز جي خاتمي جي قانون تحت ڪا بھ قانوني ڪارروائي نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جڏھن تھ قانون تحت سخت سزائون ۽ ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪري سگھبا ھئا.