ڪراچي ۾ بدامني يا روڊ بلاڪ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ جلاؤ گهيراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي مقصدن لاءِ شهر ۾ بدامني پکيڙڻ افسوسناڪ عمل آهي، احتجاج جي نالي تي شهر کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ قانون کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي کي احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل آهي، پر شرپسند عنصرن کي سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

صوبائي وزير خبردار ڪيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، جڏهن ته باهيون ڏيڻ، روڊ بند ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ۽ ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ قانون موجب قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں