لائیو ڪراچي: ڊفينس ۾ سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ نوجوان جي پوليس سان بدتميزي

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 7 ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران پوليس اھلڪارن ۽ ھڪ نوجوان وچ ۾ منھن ماري جو واقعو پيش آيو آھي.

ڊي آءِ جي ڏکڻ مطابق پوليس معمول جي چيڪنگ دوران ھڪ گاڏي کي روڪيو جنھن تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ھئي، گاڏي ۾ موجود نوجوان پوليس اھلڪارن سان بدتميزي ڪئي ۽ مزاحمت ڪئي.

پوليس عملدارن جو چوڻ آھي تھ ڄاڻايل گاڏي ۾ ٻھ پرائيويٽ گارڊز بھ سوار ھئا، واقعو ڊفينس ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو.

پوليس واقعي جي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں