آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز تي ھڪ ڀيرو ٻيھر تنقيد ڪندي چيو آھي تھ کيس ايران جنگ تي ڳالھائڻ بدران يورپ ۽ يوڪرين جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.
عرب ميڊيا جي رپورٽ مطابق صدر ٽرمپ چيو آھي تھ ايران جي خلاف جنگ دنيا کي وڌيڪ محفوظ بڻائي رھي آھي جڏھن تھ مرز ان جنگ جي حڪمت عملي تي سوال اٿاريو ھو ۽ خبردار ڪيو ھو تھ اھڙن تڪرارن ۾ داخل ٿيڻ آسان پر نڪرڻ مشڪل ھوندو آھي.
ٻئي طرف آمريڪا جرمني ۾ پنھنجي فوجين جي تعداد گھٽ ڪرڻ تي غور ڪري رھيو آھي جنھن تي برلن چيو آھي تھ ھو ان صورتحال جي لاءِ تيار آھي جڏھن تھ نيٽو تعاون جاري رھندو.
عرب ميڊيا مطابق اھي اختلاف ان وقت سامھون آيا ھئا جڏھن جرمني ايران سان ڳالھين جي حوالي سان آمريڪي پاليسي تي تنقيد ڪئي ھئي.
عرب ميڊيا جي دعويٰ آھي تھ آمريڪا ۽ يورپ وچ ۾ اھاڇڪتاڻ ايران جنگ سبب وڌي رھي آھي جڏھن تھ ٽرمپ نيٽو تي بھ تنقيد ڪري رھيو آھي تھ ھو ان جنگ ۾ سڌي ريت شامل ناھي ٿي رھيو.