آمريڪا ۾ پيٽرول جي سراسري قيمت وڌي 4.30 ڊالر في گيلن ٿي وئي آھي جيڪا ھفتي ۾ لڳ ڀڳ 72 سينٽ اضاف کي ظاھر ڪري ٿي، اھو اضافو ايران سان ڇڪتاڻ ۽ آبناءِ ھرمز جي بندش سبب سامھون آيو.
عرب ميڊيا مطابق آمريڪن آٽو موبائل ايسوسيئيشن جو چوڻ آھي تھ موجودھ قيمت گذريل سال جي مقابلي ۾ 1.12 ڊالر وڌيڪ آھي جڏھن تھ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي چڪي آھي، قيمتون گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح تي پھچي ويون آھن.
آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ پيٽرول 6 ڊالر في گيلن کان بھ مٿي ھليو ويو آھي جنھن سان مھانگائي ۽ معاشي دٻاءَ ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آھي تھ جنگ ختم ٿيندي ئي پيٽرول جون قيمتون تيزي سان ھيٺ اچي وينديون جڏھن تھ ماھرن موجب تڪرار ختم ٿيڻ جي باوجود قيمتن ۾ فوري گھٽتائي يقيني نھ ھوندي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آھي تھ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي جتي ايران آبناءِ ھرمز بند ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تھ آمريڪا ايراني بندرگاھن جو بحري محاصرو ڪيو آھي.
ايران سڌي ريت ڳالھين کان انڪار ڪندي محاصرو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
ٻئي طرف ايراني صدر مسعود پزشڪيان خبردار ڪيو آھي تھ موجودھ صورتحال وڌيڪ برداشت نھ ڪئي ويندي ۽ عالمي برادري ان ڇڪتاڻ کي سنجيدگي سان وٺي.