لائیو مزدورن جي عالمي ڏينھن جي شروعات ڪيئن ٿي؟، پوري دنيا جي ورڪنگ ڪلاس کي ڇا مليو؟

فہرستِ مضامین

فهميده رياض

مزدورن جو عالمي ڏينهن، يوم مئي، جڏهن شڪاگو جي مزدورن پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ هن ڏينهن جي بدولت پوري دنيا جي ورڪنگ ڪلاس کي ڇا مليو.

جڏهن اسان پورھيت هن دنيا کان پنهنجو حصو گهرندا

هڪ باغ نه، هڪ کيت نه، اسان سڄي دنيا گهرنداسين

هي نعرو ۽ خواب هر مزدور جي ذهن ۽ اک ۾ ڪيئن آيو؟

اچو ته ان جي تلاش ۾ڪيون

پھرين مئي، جنهن کي اڄ اسان يومِ مزدور چوندا آهيون، دراصل هڪ اهڙي سفر جي ياد آهي جنهن ۾ عام مزدورن پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ دنيا کي بدلائي ڇڏيو.

شروعات ۾ پھرين مئي صرف موسمِ بهار جو هڪ خوشگوار تهوارهو۔ ماڻهو هن ڏينهن کي خوشي، گلن ۽ بھار جي موسم جي اچڻ طور ملهائيندا هئا۔ پر وقت سان گڏ هن ڏينهن جو مطلب بدلجي ويو.

هاڻي هي ڏينهن انهن ماڻهن جي نالي ٿي ويو جيڪي پنهنجي محنت سان دنيا کي هلائين ٿا. مزدور، ڪاريگر، فيڪٽري ورڪرز، ۽ اهي سڀ جيڪي ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا۔ مزدور جي تعريف صرف فيڪٽري تائين محدود ناهي؛ ڪمپيوٽر آپريٽر، ٽيڪسي ڊرائيور، ڊليوري بواءِ ۽ فري لانسر به انهي زمري ۾ اچن ٿا.

اڄ جيڪڏهن اسان 8 ڪلاڪ ڪم، موڪل، يا آرام جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اها اسان کي عام ڳالهه لڳي ٿي۔ پر هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن مزدورن کان روزانو 12 کان 16 ڪلاڪ تائين ڪم ورتو ويندو هو.

نه ڪو مقرر وقت هو، نه موڪل، نه ڪو تحفظ.

فيڪٽرين ۾ حالتون سخت هيون، پگهارون گهٽ هيون، ۽ زندگي تمام مشڪل هئي۔ ان دوران برطانوي سوشلسٽ رابرٽ اوون هڪ نعرو ڏنو:“اٺ ڪلاڪ ڪم، اٺ ڪلاڪ تفريح، ۽ اٺ ڪلاڪ آرام”.

هي هڪ سادو جملو هو، پر هن دنيا ڀر جي مزدورن کي هڪ نئون خواب ڏنو.

1886 ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزدورن هن خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ هڙتال شروع ڪئي. هزارين ماڻهو رستن تي نڪري آيا. انهن جو هڪ ئي مطالبو هو: ڪم جا ڪلاڪ گهٽ ڪيا وڃن.

پھرين مئي تي لڳ ڀڳ 40 هزار مزدور شڪاگو ۾ گڏ ٿيا. هي فقط هڪ احتجاج نه هو، پر هڪ تحريڪ بڻجي چڪو هو. پر حالتون جلدي خراب ٿي ويون.

ڪجهه ڏينهن پوءِ، 4 مئي تي هي مارڪيٽ اسڪوائر ۾ هڪ وڏو احتجاج ٿيو. ان دوران هڪ نامعلوم شخص پوليس تي بم اڇلايو۔ ان کان پوءِ فائرنگ، افراتفري، ۽ خونريزي ٿي. ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، پوليس اهلڪار به ۽ مزدور به.

هي واقعو تاريخ ۾ ” مارڪيٽ سانحي” جي نالي سان مشهور ٿي ويو.

هن سانحي کان پوءِ ڪيترن مزدور اڳواڻن کي سزا ڏني وئي، ايتري تائين جو ڪجهه کي ڦاسي به ڏني وئي، حالانڪه انهن تي الزام ثابت نه ٿيا هئا. پر انهن جي قرباني ضايع نه وئي.

1889 ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي مزدور تنظيمن فيصلو ڪيو ته پھرين مئي کي انهن شهيد مزدورن جي ياد ۾ ملهائبو. اهڙي طرح هي ڏينهن مزدورن جو عالمي ڏھاڙو بڻجي ويو.

وقت سان گڏ، هي ڏينهن صرف آمريڪا يا يورپ تائين محدود نه رهيو۔ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ مزدورن ان کي اپنايو.

روس ۾، مزدورن جي تحريڪ هڪ وڏي انقلاب کي جنم ڏنو. لينن جي قيادت ۾ مزدورن نه صرف بهتر حالتن جو مطالبو ڪيو پر سڄو نظام بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي.

پولينڊ ۾، ليخ ولينسا مزدورن کي منظم ڪيو ۽ هڪ طاقتور تحريڪ شروع ڪئي جنهن ڪميونسٽ حڪومت کي جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

برازيل ۾، ڊسلوا مزدورن جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ ملڪ جا صدر بڻيو۔ انهن جي جدوجهد لکين ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائي.

برصغير ۾ پهريون ڀيرو 1923 ۾ مدراس، ڀارت ۾ هي ڏينهن ملهايو ويو۔ پاڪستان ۾ 1972 ۾ ان کي سرڪاري طور تسليم ڪيو ويو.

هن مزدور تحريڪ جي ڪري ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ خلاف سخت قانون ٺهيا ۽ ڪم جي جڳهه تي عورتن جي تحفظ کي اهميت ڏني وئي.

جيئن ته اڄ حالتون اڳ کان بهتر آهن، پر مسئلا اڃا ختم نه ٿيا آهن.

بين الاقوامي اداري بين الاقوامي ليبر آرگنائيزيشن موجب دنيا ۾ لکين ماڻهو اڄ به انتهائي گهٽ ڏھاڙي تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو روزانو رڳو ڪجهه ڊالر ڪمائين ٿا، جيڪي بنيادي ضرورتن لاءِ به ڪافي ناهن.

مهانگائي وڌي رهي آهي، نوڪريون غير محفوظ ٿي رهيون آهن، ۽ ڪيترائي ماڻهو مستقل روزگار کان محروم آهن.

ماضي ۾ مزدور يونينون تمام طاقتور هيون. اهي ڪارڪنن جي حقن لاءِ آواز اٿارينديون هيون، هڙتالون ڪنديون هيون، ۽ حڪومتن کي مجبور ڪنديون هيون ته قانون ٺاهين.

پر وقت سان گڏ، ڪيترن ئي هنڌن تي يونينون ڪمزور ٿي ويون آهن. ان جي باوجود، اڄ به انهن جي ضرورت ختم نه ٿي آهي.

هي ڏينهن اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو:

* ڇا هر مزدور کي انصاف ملي رهيو آهي؟

* ڇا جتي مزدور ڪم ڪن ٿا اتي جون حالتون محفوظ آهن؟

* ڇا هر ماڻهو کي عزت سان جيئڻ جو حق ملي رهيو آهي؟

هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ترقي صرف عمارتن ۽ مشينن سان نه ٿيندي آهي، پر انسانن سان ٿيندي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں