ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ ھڪ رپيو 19 پئسا واڌ ڪئي وئي

فہرستِ مضامین

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اپريل 2026 جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ ھڪ رپيو 19 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ٽه ماهي (سہ ماهي) ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي ھڪ رپيو 98 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.

نيپرا جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اپريل 2026 جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت ھڪ رپيو 19 پئسا وڌائي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ماهوار ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو ٿيندي ۽ اها واڌ موجوده مهيني جون جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي.

 سي پي پي اي اپريل جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ في يونٽ ھڪ رپيو 73 پئسا واڌ جو مطالبو ڪيو هو.

ٻئي طرف، سال 2026 جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي ھڪ رپيو 98 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي. هن ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي نتيجي ۾ صارفين کي 67 ارب رپين کان وڌيڪ رليف ملندو.

نوٽيفڪيشن موجب، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي بلن تي ٿيندو. ان تحت ٽن مهينن تائين هر مهيني بجلي ھڪ رپيو 98 پئسا في يونٽ سستي ملندي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي صارفين تي ٿيندو، جڏهن ته لائف لائين صارفين تي هن رعايت يا ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق نه ٿيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں