جوهانسبرگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻہ ڀيرا انٽرنيشنل باڪسنگ چيمپئن رھندڙ زولاني ٽيٽي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، زولاني ٽيٽي کي جمعي ڏينهن سندس گهر جي ٻاهران فائرنگ ڪري نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته باڪسر جي قتل جي شڪ ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
فائرنگ واري واقعي ۾ زولاني ٽيٽي سان گڏ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي آهي، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زولاني ٽيٽي پنهنجي باڪسنگ ڪيريئر دوران اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون. هو 2014ع کان 2015ع تائين انٽرنيشنل باڪسنگ فيڊريشن (IBF) جو جونيئر بينٽم ويٽ چيمپئن رهيو.
ان کانپوءِ زولاني ٽيٽي 2017ع کان 2019ع تائين ورلڊ باڪسنگ آرگنائيزيشن (WBO) جو بينٽم ويٽ چيمپئن پڻ رهيو.
پوليس موجب، باڪسر جي قتل جي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن کان به پڇا ڳاڇا جاري آهي.