نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي تہ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون 24 ڪلاڪن تائين جاري رھيون
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين بعد بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار ايران ۽ آمريڪا جا ٿورا مڃيندي چيو تہ ٻنهي ملڪن وزيراعظم شھباز شريف جي جنگبندي واري اپيل تي ھاڪاري ردعمل ڏنو، اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي دعوت قبول ڪئي۔
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو تہ آمريڪي وفد جي قيادت آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ڪي، جڏھن تہ جڏھن تہ ايراني وفد جي قيادت ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ڪئي، ٻنهي ملڪن جا وفد گذريل ڏينهن ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهتا هئا۔
اسحاق ڊار چيو تہ ھن ۽ فيلڊ مارشل ڌرين وچ ۾ سنجيدگي واري ڳاليھن ۾ ٽياڪڙي ڪئي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون گذريل 24 ڪلاڪن تائين جاري رھيون ۽ اڄ صبح پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون۔
هن چيو تہ ٻنهي ڌرين پاڪستان جي ٽياڪڙي ڪوششن کي ساراهيو ۽ قدر ڪيو، اميد آهي تہ ٻئي ڌريون ھاڪاري رويو برقرار رکندي علائقي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ اڳتي وڌنديون۔
نائب وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو انتهائي ضروري آهي ته سڀئي ڌريون جنگبندي واري عزم تي قائم رھن، پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين کي وڌائڻ لاءِ هميشه ڪردار ادا ڪندو رھيو آهي ۽ مستقبل ۾ بہ ڪندو رھندو۔…