ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو آھي تھ اڄ ٻنپھرن کان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي نئين لائن کي واٽرنيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.
ان دوران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي 9 مان 7 پمپ 48 ڪلاڪن لاءِ بند رھندا، 27 اپريل تي 7 پمپن مان پاڻي بحال ڪيو ويندو جڏھن تھ ٻھ پمپ وڌيڪ 5 ڏينھن لاءِ بند رھندا.
ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان مطابق ان دوران نارٿ ڪراچي، سرجاڻي، اسڪيم 33، گلستان جوھر ۾ پاڻي جي فراھمي عارضي طور تي معطل رھندي.
ان کان سواءِ گلشن اقبال، صدر، لانڍي، ڪورنگي، چنيسر ٽائون جي ڪجھھ علائقن ۾ پاڻي جي فراھمي معطل رھندي، نيپا، صفورا ۽ سخي حسن ھائيڊرنٽس بھ بند رھندا.
ترجمان جو چوڻ آھي تھ شھر کي روزانو لڳ ڀڳ 250 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيڻو پوندو.