ڊيزل سستو ٿيڻ کانپوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ  ڀاڙن ۾ گھٽتائي

فہرستِ مضامین

لاھور: ڊيزل سستو ٿيڻ کانپوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ گھٽتائي ڪئي وئي آھي.

ذريعن موجب انٽر سٽي ۽ بين الصوبائي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو تائين گھٽتائي ڪئي وئي آھي،  نئين ڀاڙي موجب لاھور کان مختلف شھرن جا ڀاڙا بہ گھٽ ڪيا ويا آھن.

لاھور کان ڪراچي جو ڀاڙو 5390 مان گھٽجي 5120 رپيا، لاھور کان حيدرآباد جو ڀاڙو 5020 مان گھٽجي 4770، لاھور کان مورو جو ڀاڙو 4550 مان گھٽجي 4320 رپيا جڏھن تہ لاھور کان سکر جو ڀاڙو 3630 مان گھٽائي 3450 رپيا ڪيو ويو آھي.

لاھور کان صادق آباد جو ڀاڙو 2370 مان گھٽائي2250 رپيا، لاھور کان رحيم يار خان جو ڀاڙو 2370 مان گھٽائي 2250 رپيا، لاھور کان خانپور جو ڀاڙو 2370 مان گھٽائي 2250 رپيا، لاھور کان احمد پور شرقيہ جو ڀاڙو 2160 مان گھٽائي 2050 رپيا جڏھن تہ لاھور کان لوڌران جو ڀاڙو 1970 مان گھٽائي 1870 رپيا ڪيو ويو آھي.

نئين ڀاڙي موجب لاھور کان بھاولپور جو ڀاڙو 1970 مان گھٽائي 1870 رپيا، لاھور کان ملتان جو ڀاڙو 1970 مان گھٽائي 1870 رپيا، لاھور کان مظفر ڳڙھ جو ڀاڙو 2160 مان گھٽائي 2050 رپيا، لاھور کان تاليہ جو ڀاڙو 2350 مان گھٽائي 2230 رپيا جڏھن تہ لاھور کان ڊيرھ اسماعيل خان جو ڀاڙو 3285 مان گھٽائي 3120 رپيا ڪيو ويو آھي.

اھڙي طرح لاھور کان بنون جو ڀاڙو 2510 مان گھٽائي 2380 رپيا، لاھور کان بکر جو ڀاڙو 2720 مان گھٽائي 2580 رپيا ۽ لاھور کان ڪوٽ ادو جو ڀاڙو 2340 مان گھٽائي 2220 رپيا ڪيو ويو آھي.

ٽرانسپورٽرز کي نئين ڀاڙي تي فوري عملدرآمد جي بہ ھدايت ڪئي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں