ممبئي(شوبز ڊيسڪ): ڀارتي ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪار بادشاهه ۽ پنجابي اداڪارا ايشا رِکي جي شادي صرف پنج مهينن بعد طلاق تي ختم ٿي وئي. ٻنهي سوشل ميڊيا تي گڏيل بيان جاري ڪندي پنهنجا رستا الڳ ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب بادشاهه ۽ ايشا رِکي سومر جي رات پنهنجي طلاق جي تصديق ڪئي، جنهن سان گذريل هڪ مهيني کان ٻنهي جي رشتي بابت هلندڙ افواهن ۽ قياس آرائين جو خاتمو ٿي ويو.
رپورٽن مطابق ٻنهي مارچ ۾ هڪ خانگي تقريب دوران شادي ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻي ٻنهي پنهنجي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي گڏيل بيان شيئر ڪندي علحدگي جو اعلان ڪيو آهي.
بادشاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ۽ ايشا رِکي گڏيل رضامندي سان پنهنجا رستا الڳ ڪرڻ ۽ پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهو فيصلو هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام کي برقرار رکندي ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هو سڀني کان درخواست ڪن ٿا ته هن مرحلي دوران سندن ذاتي زندگي جو احترام ڪيو وڃي.
بادشاهه وڌيڪ چيو ته هن معاملي بابت اهو ئي سندس واحد بيان آهي ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سندن رشتي بابت وڌيڪ قياس آرائيون يا مفروضا قائم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
واضح رهي ته بادشاهه ۽ ايشا رِکي جي رشتي ۾ خرابي جون خبرون جولاءِ ۾ سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ شروع ٿيون هيون.
ڀارتي ميڊيا موجب جولاءِ ۾ ايشا پنهنجي ۽ بادشاهه جون تصويرون ۽ وڊيوز تي ٻڌل هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو هو ته ”هر طوفان هڪ سبق آهي، هر دعا هڪ اميد آهي.“
ايشا ان پوسٽ سان گڏ ٽٽل دل ۽ هٿ ٻڌڻ وارا ايموجيز پڻ استعمال ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين ٻنهي جي رشتي ۾ مبينا مسئلن بابت مختلف قياس آرائيون شروع ڪري ڇڏيون هيون.
بادشاهه ان کان اڳ جاسمين مسيح سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته ٻنهي وچ ۾ 2020ع ۾ طلاق ٿي چڪي هئي.
ٻنهي جي هڪ ڌيءَ پڻ آهي، جيڪا جنوري 2017ع ۾ پيدا ٿي هئي.