ڪراچي: پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم 3 ميچز تي ٻڌل سيريز جي پھرين ٽي ٽوئنٽي ۾ زمبابوي ويمنز ٽيم کي 153 رنز جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان پھريان کيڏندي مقرر 20 اوورز ۾ 237 رنز ٺاھيا. زمبابوي جي ٽيم ھدف جي پويان 84 رنز تي آئوٽ ٿي وئي.
ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ويمنز پھريان کيڏندي 5 وڪيٽ تي 237 رنز اسڪور ڪيا. اھو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ پاڪستان ويمنز جو سڀ کان وڏو اسڪور آھي.
پاڪستان طرفان عائشہ ظفر 102 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
عائشہ ظفر 47 بالن تي 15 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان سنچري ٺاھيندڙ بيٽر بڻجي وئي.
ان کان علاوھ عاليہ رياض 23 بالن تي 48 رنز ٺاھيا، گل فيروزھ 37 رنز جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ زمبابوي ويمنز ٽيم 18.2 اوورز ۾ 84 رنز ٺاھي آئوٽ ٿي وئي. نتاشا ٽومبا 24 ۽ آديل زمنو 18 رنز ٺاھي نمايان رھيون.
پاڪستان ويمنز ٽيم طرفان فاطمہ ثناءَ 3، سعديھ اقبال ۽ نتاليہ پرويز 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ائين پاڪستان ويمنز ٽيم 3 ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي بتري حاصل ڪري ورتي.