پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز، قومي اسيمبلي ۾ 18 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي وفاقي بجيٽ پيش

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب 18 هزار 771 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي۔

وفاقي وزير خزانه چيو ته موجوده مالي سال دوران ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ آمريڪا-ايران جنگ جي باوجود اسان جي معاشي واڌ جي شرح 3.7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي۔

هن مالي سال ۾ وڏي پيماني واري صنعت (لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ) جي واڌ جي شرح 6.1 سيڪڙو رهي، جڏهن ته خدمتن واري شعبي ۾ 4.1 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي۔ ملڪ جي معيشت جو حجم 452 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جيڪو هڪ نئون سنگ ميل آهي، جڏهن ته في ماڻهو آمدني 1751 ڊالرن مان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي آهي۔

محمد اورنگزيب چيو ته گذريل ٻن سالن دوران پاليسي ريٽ ۾ تاريخي گهٽتائي آئي آهي، زرمبادله جا ذخيرا ٽي سال اڳ 4 ارب ڊالر هئا، جيڪي وڌي 17 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويا آهن، ۽ اهي ٽن مهينن جي درآمدن لاءِ ڪافي آهن۔

وزير خزانه موجب گذريل مالي سال ترسيل زر 38 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ به ترسيل زر جو حجم 38 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، ۽ سال جي پڄاڻي تائين اهو 41 ارب ڊالرن کان وڌي ويندو۔

محمد اورنگزيب چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مهانگائي جي اوسط شرح 8.2 سيڪڙو متوقع آهي۔ بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.6 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو هوندو۔

ايف بي آر جي آمدني جو تخمينو 15 هزار 264 ارب رپيا آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 17.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته وفاقي آمدني ۾ صوبن جو حصو 8 هزار 848 ارب رپيا هوندو۔

وفاقي نان ٽيڪس روينيو جو هدف 5 هزار 336 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 751 ارب رپيا هوندي۔ وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو تخمينو 18 هزار 771 ارب رپيا آهي، جنهن مان 8 هزار 54 ارب رپيا وياج (مارڪ اپ) جي ادائيگين لاءِ مختص ڪيا ويندا۔

وفاق جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ هڪ هزار ارب رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي جاري خرچن جو تخمينو 17 هزار 495 ارب رپيا آهي۔

وفاقي وزير خزانه چيو ته ملڪي دفاع حڪومت جي سڀ کان اهم ترجيح آهي ۽ ان قومي ذميواري لاءِ 3 هزار ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا۔

محمد اورنگزيب موجب سول انتظاميا جي خرچن لاءِ هڪ هزار 71 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پينشن جي خرچن لاءِ هڪ هزار 169 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔

بجيٽ دستاويز موجب فوجي پينشن تي 822 ارب رپيا ۽ سول پينشن تي 272 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو تخمينو آهي۔

محمد اورنگزيب چيو ته بجلي ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي جي مد ۾ هڪ هزار 91 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن۔

وفاقي وزير خزانه موجب جاري خرچن مان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ 146 ارب رپيا، گلگت بلتستان لاءِ 88 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن لاءِ 95 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔

ايندڙ مالي سال لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) لاءِ 838 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي۔

محمد اورنگزيب چيو ته قومي ترقياتي پروگرام لاءِ 3 هزار 675 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن مان وفاق جو حصو هڪ هزار ارب رپيا آهي، جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام لاءِ 2 هزار 224 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔

وزير خزانه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رياستي ملڪيت وارن ادارن جي سيڙپڪاري لاءِ 451 ارب رپيا شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ 365 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

وزير خزانه موجب ڪراچي کي چمن سان ڳنڍيندڙ اين-25 پاڪستان ايڪسپريس وي کي ٻٽو ڪرڻ لاءِ 100 ارب رپيا، سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ 30 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ايم ايل-ون جي ڪراچي کان روهڙي سيڪشن تي ڪم ايندڙ سال شروع ٿيندو، جنهن لاءِ 25 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

وزير خزانه چيو ته بجلي جي ترسيل صلاحيت وڌائڻ لاءِ اسٽيٽ ڪام ۽ بيٽري اسٽوريج جهڙن جديد نظامن ۾ سيڙپڪاري لاءِ بالترتيب 10.2 ارب ۽ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔ صنعتي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ خاص اقتصادي زونن ۾ بجلي جي فراهمي کي ترجيح ڏني وئي آهي۔ صاف ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ واپڊا کي 50.2 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن۔

ان کان علاوه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 8 هائيڊرو پاور منصوبن لاءِ 13.1 ارب رپين جي خاص رقم مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واپڊا ۽ نيشنل گرڊ ڪمپني پنهنجي وسيلن مان 158 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندا۔

محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ۾ چيو ته پاڪستان کي پاڻي جي سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جهڙوڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ۾ گهٽتائي۔ گذريل سال دريائن ۾ آيل ٻوڏن سبب معيشت کي 822 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته بجيٽ ۾ 43 آبي منصوبن لاءِ 103 ارب 10 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ 14 ارب رپيا، مهمند ڊيم لاءِ 22 ارب رپيا ۽ داسو پن بجلي منصوبي لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي جي بلڪ واٽر سپلاءِ جي ڪي-فور منصوبي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔

وزير خزانه چيو ته 2035ع تائين ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي شهرن ۾ رهندڙ هوندي، جڏهن ته شهري مرڪز معيشت جو 55 سيڪڙو حصو آهن۔ بجيٽ ۾ پائيدار شهري ترقي ۽ هائوسنگ شعبي لاءِ 54 ارب 60 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔ ان رقم سان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هڪ لک 50 هزار سستا رهائشي يونٽ تعمير ڪيا ويندا ۽ 10 وڏن شهرن لاءِ ڊجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪيا ويندا۔

محمد اورنگزيب چيو ته صنعتي ترقي ۽ برآمدي مقابلي جي رفتار وڌائڻ لاءِ بجيٽ ۾ 6 ارب 60 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

وزير خزانه چيو ته ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ صنعتي ڊيزائننگ جا آٽوميشن مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن۔

محمد اورنگزيب چيو ته عوامي صحت جي سار سنڀال اسان جي اهم قومي ذميواري آهي، تنهن ڪري ترقياتي بجيٽ ۾ صحت جي منصوبن لاءِ 25 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ ڪينسر جي علاج جون سهولتون وڌائڻ پڻ شامل آهي۔

بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ به 46 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

وفاقي وزير خزانه چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ مجموعي طور 144.9 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ 45 ارب رپيا، گلگت بلتستان لاءِ 44 ارب رپيا ۽ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 56 ارب رپيا رکيا ويا آهن۔

ان کان علاوه وزيراعظم جي خاص پيڪيج تحت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ 5 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان لاءِ 4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

وفاقي وزير خزانه موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز آهي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي۔

وزير خزانه موجب بجيٽ ۾ پگھاردار طبقي لاءِ آمدني جي 4 سليبن ۾ رليف جي تجويز ڏني وئي آهي۔

22 کان 32 لک رپيا سالياڻي آمدني تي ٽيڪس جي شرح 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته 32 کان 41 لک رپيا آمدني تي ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي۔

41 کان 56 لک رپيا سالياني تنخواه تي انڪم ٽيڪس جي شرح 29 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته 56 کان 70 لک رپيا سالياني تنخواه تي ٽيڪس 32 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔

وزير خزانه چيو ته پگھاردار طبقي تي لاڳو 9 سيڪڙو سرچارج ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

15 کان 50 ڪروڙ رپيا آمدني وارن 6 سليبن تي لاڳو سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، پر بينڪن، تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين ۽ فرٽيلائيزر شعبي تي سرچارج برقرار رهندو۔

بجيٽ ۾ ملڪيت جي منتقلي تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس گهٽائڻ جي تجويز آهي۔ فائلرز لاءِ ملڪيت خريداري تي ٽيڪس 2.5 سيڪڙو مان گهٽائي 1.25 سيڪڙو ڪرڻ ۽ جائيداد وڪري تي ٽيڪس 5.5 سيڪڙو مان گهٽائي 2.75 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔

محمد اورنگزيب موجب ايڪسپورٽ تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس کي گڏجي 2 سيڪڙو مان گهٽائي 1.25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي۔

آئي ٽي ايڪسپورٽ آمدني تي 0.25 سيڪڙو ايف ٽي آر رعايت وڌيڪ 3 سال جاري رکڻ جي تجويز پڻ شامل آهي۔

ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ جي ٻاهرين ملڪ استعمال تي ود هولڊنگ ٽيڪس 0.5 سيڪڙو ڪرڻ، جڏهن ته غير ملڪي اثاثا رکڻ تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز آهي۔

بجيٽ ۾ سينيٽري پيڊز ۽ عورتن جي صحت سان لاڳاپيل شين تي ٽيڪس ختم ڪرڻ، ۽ مانع حمل شين تي به ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔

محمد اورنگزيب چيو ته ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي، جنهن ۾ 20 ڪروڙ رپين کان گهٽ سالياڻي سيلز وارا دڪاندار شامل ٿيندا۔ اهي پنهنجي سالياني سيلز جو 1 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا ۽ انهن لاءِ آڊٽ لاڳو نه هوندو، جڏهن ته پي او ايس مشين جي شرط کان به استثنيٰ هوندو۔

امپورٽ ٿيل گاڏين، 2 کان 3 هزار سي سي ايس يو ويز ۽ وڏين گاڏين تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لاڳو يا وڌائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ رپين کان مهانگي اليڪٽرڪ گاڏين تي به ايڪسائز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز شامل آهي۔

سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ انفلوئنسرز جي آمدني تي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جيڪو رقم وصولي وقت ڪٽيو ويندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں